شرافي شرابي ديهه

شرافي/ شرابي (ديهه): هيءَ ديهه تپي لانڍي، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. هن کي عام طور ديهه شرافي چوندا آهن، پر روينيو رڪارڊ ۾ هن جو نالو ‘شرابي’ لکيل آهي. هن ديهه کي نئن ملير آباد ڪري ٿي. لانڍيءَ کان ايندي ملير ريلوي پل کان ٿورو اڳتي کاٻي هٿ تي ملير نئن جي ڪناري کان ديهه ريڙهيءَ تائين جو علائقو هن ديهه ۾ آهي. هن ديهه ۾ خوبصورت چٽساليءَ واريون گهاڙيون قبرون به آهن. هن ديهه ۾ 35 کان مٿي گبولن، پنهورن، ڪلمتين، جوکين ۽ بلوچن جا ڳوٺ آهن. هن وقت 2015ع ۾ هيءَ ديهه لانڍي ٽائون ۾ شامل آهي. ڪورنگي صنعتي زون جو گهڻو ڀاڱو هن ديهه ۾ شامل هئڻ ڪري هتي مزدوريءَ لاءِ آيل پٺاڻن ۽ پنجابين جون ڪچيون آباديون به آهن. دائود چورنگيءَ وارو علائقو، جيڪو پٺاڻن جو اڪثريتي علائقو آهي، سو به هن ديهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو